Saturday, 13 April 2019

Sindhi Poetry

۔۔
هَرَ هَرَ هَرائِي، وڃڻ دَرِ دوستن جي؛
پاڙي ڏانهن پِرينِ جي، اُڄُ مَ اَوائِي!
اَلڙُ ٿِي آڇِ مَ تون، واٽاڙُن وائِي؛
لائِيندءِ، لَطِيفُ چئي، سُوران سَرهائِي؛
ڳُجھو ڳالهائِي، پِرتِ وَٽجي پاڻ ۾

سنڌي ترجمو: دوستن جي در تي گهڙيءَ گهڙيءَ وڃڻ هلڪڙائي آهي. اي وسوڙا! محبوب جي گهٽيءَ ۾ تڪڙو تڪڙو نه وڃ. اَڻ آزمودگار ٿي، واٽهڙن سان اهو ڳجهه نه سل. پرين سورن يا عذابن ذريعي ئي توکي راحت بخشيندا. ڳُجهي رهاڻ ڪري، پاڻ ۾ محبت ونڊڻ گهرجي.
اردو ترجمہ : دوستوں کے در پر بار بار جانا کم ظرفی ہے. اے میرے ناداں و بھلکڑ دل کوئے یار میں تیز قدم نہیں جا. بے تجربہ نہ بن. سرِ راہ کسی سے بھی یہ راز نہ کہہ. محبوب درد و عذاب دے کر ہی تجھے راحت پہنچائیں گے. اپنی محفل آپ بن. ایک دوسرے سے محبت بانٹو۔
سُر يمن ڪلياڻ
— شاہ عبداللطیف، شاہ جو رسالو
ترجمہ: برکت علی 
Sindhi Poetry

No comments:

Post a Comment