۔۔۔
Poetry Hussain Bux Khadim
Translation Aijaz Mangi
حسين بخش خادم
ترجمو اعجاز منگي
تنهنجي ھجر فراق ۾ ماھ لقا
نه ڪي غم ٿو وڃي،نه ڪي دم ٿو وڃي
مان تو لئه روئان ٿو صبح و مسا
نه ڪي غم ٿو وڃي،نه ڪي دم ٿو وڃي
افسوس برھ جي بيماري،
حاذق به سڃاڻي ڪين سگهيا
منهنجي دردن جي ڪئي ڪنهن نه دوا
نه ڪي غم ٿو وڃي،نه ڪي دم ٿو وڃي
ھمراز رکي مون جن کي چيو
ھڪ ڀيرو ته دلبر کي آڻيو
افسوس جو ھڪڙي به ڪئي نه وفا
نه ڪي غم ٿو وڃي،نه ڪي دم ٿو وڃي
اڃان سيني ۾ ڪجھ دم آھي
۽ اکڙيون واٽ نهارن ٿيون
محبوب مٺا منهنجو توکان سوا
نه ڪي غم ٿو وڃي،نه ڪي دم ٿو وڃي
My beloved
In your separation
Neither grief spares me nor breath
I cry for you,dawn to dusk
Neither grief spares me nor breath
Pity! unable doctors are,
to see anguish of craving
No one cured my illness
Neither grief spares me nor breath
I request my confidante
Bring my beloved,just once
Ah! No one was trustworthy
Neither grief spares me nor breath
Little life is in me still
And Eyes look for you still
My sweetheart,without you
Neither grief spares me nor breath
۔۔۔۔
No comments:
Post a Comment